Quran Text Translations Spread Documents

Taj Mehmood Amroti


Change Log

Minor fixes
Tue, 1 May 2012 00:00:01 -0400
-3738 +3738
۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائينداسون. کائين ٿا.
Major spacing and punctuation fixes
Fri, 4 Jun 2010 19:56:23 -0400
-7 +7
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي ( تنھنجو) (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).
-132 +132
۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع ( ۽ ) (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.
-171,2 +171,2
آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ ( ۾)، (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ( ۾)، (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن ( ۾)، (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ( ۾)، (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن ( ۾)، (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ ( ۾)، (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا ( ۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).
-180 +180
اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي ( ۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
-192 +192
رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن،پوءِ آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.
-221 +221
(اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟جو ڇا؟ جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.
-247 +247
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيه تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ ( ۽ ) (۽) نه لوڌڻ جي وصيّت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن ته جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور مُوجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نه آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
-256 +256
پوءِ جڏھن طالُوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين ته الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نه آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نه چکندو سواءِ ھِن جي جو پنھنجي ھٿ سان لَپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مُؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو ته اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نه آھي، ( ۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا هُئا ته اُھي الله کي ملندا تن چيو ته ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.
-274 +274
اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان ( ۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
-414 +414
(اي پيغمبر ياد ڪر)جنھن ڪر) جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
-504,2 +504,2
الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي ( ۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
-511 +511
۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.
-516 +516
(اي مسلمانؤ) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضائي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون ( ۽ ) (۽) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناہ نه آھي (اِھي سڀ) حرام ڪيون ويون آھن، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻڻ (حرام ڪيو ويو آھي) پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
-530 +530
( ۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.
-585 +585
۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
-616 +616
( ۽ ) (۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.
-641 +641
الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ ( ۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
-669 +669
(اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي ( ۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
-672 +672
اوھان تي حرام ڪيو ويو آھي مُئل جانور ۽ (وھندڙ) رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ جنھن شيءِ کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪيو ويو آھي) ۽ جيڪو (جانور) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو به) پر جنھنکي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نه آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪيو ويو آھي) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (به)، اِھي (مڙئي) گناہ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نا اميد ٿيا تنھنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پوءِ جيڪو گناہ ڏانھن نه لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي ( ۽ مٿيون حرام شيون کائي ته روا آھي)، پوءِ تحقيق الله بخشڻھار مھربان آھي.
-723 +723
اي مؤمنؤ اوھان منجھان جيڪو دين کان ڦرندو ته سگھو ئي الله اھڙي قوم کي پيدا ڪندو جن کي (پاڻ) دوست رکندو ۽ اُھي کيس دوست رکندا اُھي مؤمنن سان نوڙت ڪندڙ ( ۽ ) (۽) ڪافرن تي سخت ھوندا، الله جي واٽ ۾ جھاد ڪندا ۽ ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس ڏيندو آھي، ۽ الله ڪشادي فضل وارو ڄاڻندڙ آھي.
-758 +758
الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ ان جي ڪفارت وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھون آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نه لھي ته ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو ( ۽ ڀڃو تڏھن) اِھا ڪفارت اوھان جي قسمن جي آھي، ۽ پنھنجي قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
-819 +819
۽ جنھن مھل پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھاربا (تنھن مھل) جيڪڏھن کين ڏسين (ته عجب ڪرين،الله) ڪرين، الله) چوندو ته ھي (وري جيئرو ٿيڻ) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو اسانکي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي (ته سچ آھي، الله) چوندو ته جيڪي اوھين ڪفر ڪندا ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.
-852 +852
(اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ ( ۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.
-856 +856
( ۽ ) (۽) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.
-860 +860
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ ( ۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.
-882 +882
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، ( ۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.
-919 +919
( ۽ ) (۽) اي جنّن ۽ ماڻھن جون ٽوليون اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نه آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا ته پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون ته پاڻ ڪافر ھوا.
-934 +934
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي حُڪم مُون ڏانھن نازل ٿيا آھن تن ۾ ڪا چيز جنھن کي کائيندڙ کائي حرام نٿو لھان ھن کانسواءِ ته (اُھو) مُئل ھجي يا وھندڙ رَتُ يا سُوئر جو گوشت جو اھي (سڀ) حرام آھن يا گناہ طرح جنھن (شيء) کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي، پوءِ جيڪو لاچاري حالت ۾ نڪي بي فرمان ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿيء ( ۽ کائي) ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.
-972 +972
(الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار ( ۽ ) (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.
-976 +976
پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (ته) سندين اوگھڙ کين پڌري ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن ھڪ ٻئي سان ڳنڍي پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار انھن کي سڏيو ( ۽ چيائين ته) اوھان کي ھن وڻ کان نه جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟
-986 +986
(اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ ( ۽ ) (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون.
-998 +998
۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي.
-1006 +1006
۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون ( ۽ ) (۽) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن.
-1028 +1028
۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين ( ۽ ) (۽) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.
-1099 +1099
۽ اُن (مُوسى) لاءِ سڀڪنھن شيء جي نصيحت واسطي ۽ سڀڪنھن شيء جي ڌار ڌار بيان واسطي (توريت) تختن ۾ لکي ڏنوسون، ( ۽ چيو ويس ته) اُن کي پختائيءَ سان وٺ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُن جون چڱيون ڳالھيون (عمل ۾) وٺندا رھن، اوھان کي بدڪارن جي جاءِ سگھو ڏيکاريندس.
-1111 +1111
( ۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن.
-1114 +1114
۽ بني اسرائيلن مان ٻارھن پاڙا ٽوليون ڪري جدا ڪياسون، جڏھن موسىٰ کان سندس قوم پاڻي گھريو تڏھن ڏانھس وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ (ھنيائين ته) اُن مان ٻارھن واھيون وھيون، بيشڪ سڀڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاتي ٿي، ۽ اسان مٿن ڪڪر جي ڇانو ڪئي ۽ مٿن مَن ۽ سَلۡوىٰ لاٿاسون، ( ۽ چيوسون ته) جيڪا اوھان جي سٺي روزي بڻائي اٿون تنھن مان کائو، ۽ اسان جو ڪُجھ نه وڃائون پر پاڻ کي نقصان ٿي لاٿائون.
-1123 +1123
وري کائن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته بخشبا سون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي ته (اُھي پشيمان نه ٿيندا آھن ۽ ) ۽) اُھو وٺندا رھندا آھن، کائن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نه ورتو ويو ھو ڇا ته سچ کانسواءِ الله تي ڪي به ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو به اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
-1126 +1126
۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين، ( ۽ پڇيائين) ته (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نه آھيان ڇا؟ چيائون ته ھائو (آھين)، گواہ ٿيا آھيون، (اھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) ته متان قيامت جي ڏينھن چئو ته اسين ھن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون.
-1134 +1134
۽ الله جا چڱا نالا آھن انھن نالن سان کيس سڏيو، ۽ جيڪي سندس نالن ۾ ڏنگائي ھلندا آھن تن کي ڇڏي ڏيو، ( ۽ ) (۽) جيڪي ڪندا آھن تنھنجي سگھو سزا ڏبين.
-1139 +1139
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ ( ۾) (۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نه نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ ته متان سندن (موت جي) ٺھرايل مُدّت پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.
-1206 +1206
۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو نه ته سست ٿيندؤ ۽ اوھان جي((اتفاق جي ((اتفاق جي) بوءِ ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صابرن سان آھي.
-1266,2 +1266,2
( ۽ ) (۽) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.
( ۽ ) (۽) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.
-1327 +1327
۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،
-1329 +1329
جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ ( ۽ ) (۽) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
-1362 +1362
۽ جڏھن ڪا سورة (انھن بابت) نازل ڪبي آھي (ته) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن (شرمندگيءَ کان) نھاريندا آھن، ( ۽ چوندا آھن ته) ڪنھن اوھانکي ڏٺو آھي ڇا؟ وري (گھرن ڏانھن) موٽندا آھن، الله سندن دليون ھن سببان ڦيرايون آھن جو اُھا بي سمجھ قوم آھي.
-1415 +1415
وري جنھن مھل (اُھو) پھچندو (ته) ان تي ايمان آڻيندؤ ڇا، (۽ چيو ويندن ته) ھاڻي (مڃيؤ) ؟ (مڃيؤ)؟ ۽ بيشڪ (اڳي) ان کي تڪڙو گھرندا ھُيؤ.
-1441 +1441
مُوسىٰ چيو جڏھن اوھان وٽ حق آيو (ته) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (ته جادو آھي) ؟ آھي)؟ ھي جادو آھي ڇا؟ ۽ جادوگر نه ڇٽندا.
-1455 +1455
(چيو ويو ته) ھاڻي (ٿو ايمان آڻين) ؟ آڻين)؟ ۽ بيشڪ توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.
-1551 +1551
۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي) ؟ جھلي)؟
-1635 +1635
اي منھنجا سنگتي قيدي (ھيءَ ڳالھ سمجھندا آھيو ته) ڌارو ڌار گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو غالب الله (چڱو آھي) ؟ آھي)؟
-2546 +2546
(ابراھيم) چيو ته (نه) ! (نه)! بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا ته کانئن پڇو.
-3078 +3078
اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو) ؟ رھو)؟
-3449 +3449
الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي) ؟ (سگھي)؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن.
-3490 +3490
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا) ؟ ڇا)؟
-4180 +4180
۽ (ياد ڪر) جڏھن باھ ۾ ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا (تڏھن) ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوھان جا تابعدار ھواسون تنھنڪري باھ (جي عذاب) مان ڪو حصّو اوھين اسان کان ٽارڻ وارا آھيو (يا نه) ؟ نه)؟
-4262 +4262
۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان ڌارين ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا ته ضرور (ڪافر) چون ھا ته سنديس آيتون ڇونه کولي بيان ڪيون ويون، ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو) ؟ ڇو)؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نه مڃيندا آھن تن جي ڪَنّن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن.
-4341 +4341
(الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا) ؟ (ڇا)؟
-4383 +4383
۽ (اُھي) چوندا آھن ته اسان جا معبُود ڀلا آھن يا عيسى؟ اِھو مثال توسان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن،بلڪ آھن، بلڪ اُھي جھيڙاڪ قوم آھن.
First version
Fri, 4 Jun 2010 19:54:20 -0400
-0,0 +1,6236
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.
(جو) ٻاجھارو مھربان.
قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).
تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا.